اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف قومي سلامتي ڪميٽي جو اهم ترين اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن کان ملندڙ رپورٽن موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي جو اجلاس اڄ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ عسڪري، ۽ سول قيادت شرڪت ڪندي، جڏهن ته فيلڊ مارشل عاصم منير پنهنجي تازي آمريڪي دوري تي شرڪت ڪندڙن کي اعتماد ۾ وٺندو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ ايران اسرائيل آمريڪي تڪرار تي تفصيلي مشاورت ٿيندي جڏهن ته ايران جي سفارتي حمايت ۽ ٻين اهم معاملن تي وڏن فيصلن جو امڪان آهي. اجلاس ۾ ملڪي گهرو ۽ سرحدي سيڪيورٽي جو به جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ دفاع وارو وزير، گهرو وزير، نائب وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير سميت ٻيون شخصيتون به شرڪت ڪنديون