اسرائيل ۽ ايران جا هڪٻئي تي ميزائيل حملا جاري، عوام خوف ۾ مبتلا

تهران : اسرائيل ۽ ايران جا هڪٻئي تي حملا جاري آهن ۽ ٻنهي ملڪن جو عوام خوف ۾ مبتلا آهي. تازن اطلاعن موجب اسرائيل ايران جي 6 هوائي اڏن تي حملا ڪيا آهن جن ۾ 10 پاسداران انقلاب جا اهلڪار مارجي ويا آهن. ايران جي تسنيم نيوز ايجنسي فوجي ترجمان جي حوالي سان چيو آهي ته سومر تي ايران، اسرائيل جي پنج شهرن تي ميزائيل ۽ ڊرون حملا ڪيا آهن جن ۾ سفد، تل ابيب، اشڪيلان، اشدود ۽ بيسن شامل آهن. ايراني حڪومت موجب 13 جون کان شروع ڪيل اسرائيل حملن ۾ هيستائين فوتين جو انگ 400 کان وڌي ويو آهي ۽ 3 هزار کان مٿي زخمي آهن. جڏهن ته اسرائيل جا اڪثر شهري محفوظ پناهگاهن ۾ آهن پر ان هوندي به سندن مارجي ويل شهرين ۽ فوجين جو انگ 24 آهي ۽ 200 کان مٿي زخمي آهن. سومر تي رائٽرز جي رپورٽ موجب اسرائيل جي سڀني شهرين ۾ سائرن وڄائي شهرين کي بنڪرز ۾ وڃڻ لاءِ چيو ويو. يروشلم ۾ هڪ وڏو ڌماڪو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ۽ امڪان آهي ته اهو ايراني ميزائيل فائر ڪرڻ جو نتيجو ٿي سگهي ٿو. رپورٽ موجب ايراني فوج لورستان صوبي ۾ هڪ جديد اسرائيلي ڊرون ڪيرائي ڇڏيو آهي. يزد صوبي ۾ اسرائيلي حملي ۾ پاسداران انقلاب جا 10 ميمبر شهيد ٿي ويا. الجزيره جي مطابق، ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾، اسرائيل چيو ته انهن حملن ۾ 15 ايراني جهاز ۽ هيلي ڪاپٽر ريموٽ ڪنٽرول جهاز ذريعي تباهه ڪيا ويا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته “انهن حملن ۾ رن ويز۽ بنڪرز، هڪ ريفيولنگ جهاز، ۽ ايراني حڪومت پاران استعمال ٿيندڙ F-14، F-5، ۽ AH-1 جهازن کي نقصان پهچايو ويو، اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي ته “جهازن انهن هوائي اڏن تان اڏامڻ جي صلاحيت ۽ ايراني فوجي هوائي طاقت جي آپريشن کي متاثر ڪيو آهي، تسنيم نيوز ايجنسي جي مطابق، آچر تي ايران جي صوبي يزد تي اسرائيلي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 انقلابي گارڊز جا اهلڪار شهيد ٿي ويا.رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته حملن ۾ ڪيترائي ٻيا انقلابي گارڊ اهلڪار زخمي ٿيا، پر انهن جو تعداد واضح نه ڪيو ويو.اسرائيل جو چوڻ آهي ته 13 جون تي ٿيندڙ اوچتو حملن کان پوءِ ٻه درجن ايراني فوجي ڪمانڊر ۽ ايٽمي سائنسدان شهيد ٿي چڪا آهن. برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ لامي ايران تي زور ڀريو آهي ته ڇڪتاڻ نه وڌايو * ڳالهين ذريعي معاملو حل ڪريو، ايران جو پرڏيهي وزير عراقچي ماسڪو پهتو آهي جتي صدر پيوٽن سان ملاقات ڪندو. صدر ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران جي موجوده قيادت ايران کي عظيم ٺاهڻ م ناڪام ٿي آهي ته ڇو نه پوءِ ان رجيم کي ئي تبديل ڪيو وڃي. ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته آمريڪا جي حملن جو اهڙو جواب ڏينداسين جو هميشه ياد رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔