پشاور کان ڪوئٽه ويندڙ جعفر ايڪسپريس جي ٽريڪ تي ڌماڪو

جيڪب آباد: جيڪب آباد جي ڀرسان پشاور کان ڪوئٽه ويندڙ جعفر ايڪسپريس جي ٽريڪ تي ڌماڪو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٽريڪ عارضي طور تي بند ٿي ويو آهي.

ريلوي انتظاميه موجب حملي جي نتيجي ۾ ٽرين جون 2 بوگيون ڊي ريل ٿي ويون پر ڪنهن به قسم جي جاني نقصان يا زخمي ٿيڻ جي اطلاع نه ملي آهي.

ريلوي جي ذريعن موجب حملي جي نتيجي ۾ ريل جي پٽڙي کي نقصان پهتو جنهن جي مرمت جو ڪم فوري طور تي شروع ڪيو ويو آهي.

ريلوي اختيارين وقت تي ڪارروائي ڪندي ريليف ٽرين رواني ڪري ڇڏي آهي ته جيئن متاثره ڪوچ کي حفاظت سان پهچايو وڃي ٽريڪ کي جلد کان جلد قابل  استعمال بنائي سگهجي. سيڪيورٽي ادارا به حادثي طرف روانا ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔