ايران اسرائيل خلاف پنهنجو دفاعي حق استعمال ڪري رهيو آهي:روس

ماسڪو: روس چيو آهي ته ايران، اسرائيل خلاف ڪارروائيون پنهنجي دفاعي حق جي تحت ڪري رهيو آهي ۽ اسرائيل کيگهرجي ته تحمل ۽ دانائيءَ جو مظاهرو ڪري، روسي نائب پرڏيهي وزير سرگئي ريابڪوف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ايران جي جوهري تنصيبن تي ممڪن حملا خطرناڪ نتيجا ڏئي سگهن ٿا، جيڪي سڀني لاءِ واضح آهن، هن زور ڏيندي چيو ته اها اسرائيل جي ذميواري آهي ته هو هوش، فهم ۽ بردباري سان ڪم وٺي،  ايران پنهنجو حقِ خود دفاع استعمال ڪري رهيو آهي، سرگئي ريابڪوف اهو پڻ چيو ته روس، ايران ۽ اسرائيل ٻنهي سان رابطي ۾ آهي ۽ گڏوگڏ آمريڪا سان به ايران بابت ڳالهيون ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔