پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق

اسلام آباد: وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي آمريڪي واپار واري وزير سان ورچوئل ڳالهين ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.ناڻي واري وزارت موجب ورچوئل ملاقات ۾ آمريڪي ٽيرف بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن واپاري معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.اختيارين ٻڌايو ته واپار، سرمائيڪاري ۽ معاشي لاڳاپا مضبوط بنائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون، پاڪستان ۽ آمريڪا ڳالهيون جاري رکڻ جي ارادي جو به اظهار ڪيو. ناڻي واري وزارت ٻڌايو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٽيڪنيڪي سطح تي وڌيڪ تفصيلي ڳالهين جو جلد امڪان آهي.هوڏانهن اسلام آباد ۾ نيشنل ورڪشاپ آن ٽرانزيشننگ ٽو ڊيفائنڊ ڪنٽريبيوشن پينشن اسڪيم کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ وڌندڙ جيو پوليٽيڪل ڇڪتاڻ جي حوالي سان پاڪستان ڪنهن به امڪاني اثر کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت سمورين لاڳاپيل ڌرين سان هڪ تفصيلي اجلاس ڪيو، جنهن ۾ انهي ڳالهه کي يقيني بنايو ويو ته ملڪ ۾ عام واهپي جي شين جا وڏا ذخيرا موجود آهن، اثاثن جي سمورن قسمن جي قيمتن تي مڪمل نظر آهي ۽ هر امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان تيار آهيون، جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته اسان قدم کڻڻ جي لاءِ بهتر پوزيشن ۾ آهيون اميد آهي ته ائين نه ٿئي.محمد اورنگزيب انهي موقعي تي حڪومت طرفان توانائي، سرڪاري ادارن ۽ ٽيڪس نظام ۾ جاري اصلاحات جي عمل کي جاري رکڻ جو ارادو ڪيو، هن ڀيري اسان ٽيرف ۾ بنيادي اصلاحاتون ڪيون آهن ته جيئن معيشت کي هڪ جهڙو بنائي سگهجي ۽ اسان جي برآمدي صنعت ترقي ڪري.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت قرضن جي ادائيگي جي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ به ڪوشان آهي، هن انڪشاف ڪيو ته پينشن جون ادانيگيون هڪ کرب روپين کان وڌي ويون آهن، جيڪي وفاقي حڪومت جي ترقياتي بجيٽ کان به وڌيڪ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔