سنڌ ڪابينا 3451.87 ارب رپين جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جو پري بجيٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا ايندڙ مالي سال لاءِ 3451.87 ارب رپين جي بجيٽ جي منظوري ڏني.سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان چيو ته چيف سيڪريٽري، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن ۽ لاڳاپيل آفيسرن پري بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪابينا جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تجويزن تي غور ڪيو ويو.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سڄي صوبي مان بجيٽ تجويزون مليون آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوامي ۽ قومي مفادن کي ترجيح ڏني آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جو بجيٽ عوامي ترجيحن کي نظر ۾ رکندي پيش ڪيو ويندو، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن کي به رليف ڏنو ويندو. ڪابينا پگهارن ۾ واڌ جي سفارشن جي منظوري ڏني، گريڊ 1 کان 16 تائين جي پگهارن ۾ 12 سيڪڙو واڌ، گريڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن لاءِ 10 سيڪڙو واڌ، جڏهن ته رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 8 سيڪڙو واڌ جي تجويز آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔