ڪراچي: سنڌ حڪومت مالي سال 26-2025 جي بجيٽ ۾ عوامي سفري سهوليتن کي وڌيڪ بهتر بنئڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪري ورتا آهن.
سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ کاتي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ وڌيڪ بسن، اي وي ٽيڪسين ۽ اسڪوٽرز جي خريداري لاءِ رقم رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اجلاس ۾ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ مختلف هنڌن تي چارجنگ انفرااسٽرڪچر قائم ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو. شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ماحولياتي طور تي پائيدار ۽ جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم جي قيام لاءِ پرعزم آهي، ڪراچي جي شهرين لاءِ ڊبل ڊيڪر بسز به آڻديون پيون وڃن ته جيئن انهن کي عالمي معيار جي سفري سهوليت حاصل ٿي سگهي.
سينئر صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان چاهيون ٿا ته سموري سنڌ جي هر شهري کي جديد، آرام ڏيندڙ ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ جي سهوليت ملي سگهي