پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ موسم جي شدت ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي: اين ڊي ايم اي

اسلام آباد:  نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) چيو آهي ته پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ موسم جي شدت ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي.

اين ڊي ايم اي ترجمان ڊاڪٽر طيب شاهه موجب گذريل سال به گرمي جي شدت وڌيڪ هئي، جيڪا هن سال به جاري رهندي. پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ موسم جي شدت ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي.

ڊاڪٽر طيب شاهه ٻڌايو ته اسان جي ملڪ ۾ الاسڪا جي گهٽ ترين گرمي پد کان وٺي سهارا ڊيزرٽ جو وڌ کان وڌ گرمي پد پئجي رهيو آهي. جڏهن گرمي پد جي ويري ايشين تمام وڌيڪ هوندي ته موسم ۾ شدت اچڻ معمول بڻجي ويندي.

هن چيو ته اسان هيٽ ويو يا ٻوڏ صورتحال جي اڳڪٿي ڪريون ٿا. موسم جي شدت جي لحاظ سان هڪ گائيڊ لائين ٺاهي ويندي آهي. پي ڊي ايم اي ۽ ضلعي انتظاميه کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪيو ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔