ڪراچي : پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) 100 انڊيڪس هڪ نئين تاريخي بلندي کي ڇهي ورتو،واپاري سيشن دوران 100 انڊيڪس 120,668 جي رڪارڊ بلندي تي پهچي ويو. واپاري هفتي جي چوٿين ڏينهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ وڏي ريلي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، 100 انڊيڪس ۾ 506 پوائنٽن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ 100 انڊيڪس 120,443 پوائنٽن تي پهچي ويو.ڪالهه واپار جي آخر ۾ انڊيڪس 119,931 پوائنٽن تي بند ٿيو هو.