ناديه خان ” ارنَب گوسوامي “ کان به گوءِ کڻي وئي آهي: ياسر حسين

ڪراچي: پاڪستاني اداڪار ۽ هدايتڪار ياسر حسين چيو آهي ته ناديه خان هن وقت ڀارتي نيوز اينڪر ارنَب گوسوامي قرار ڏيندي چيو آهي ته هوءَ کائنس 10 نمبر اڳتي نڪري ويئي آهي.

اداڪارا ۽ ميزبان ناديه خان ويجهڙ ياسر حسين جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل ڊرامي تي تنقيد ڪئي هئي.

ناديه خان هن وقت ميزباني سان گڏ هڪ نجي ٽي وي چينل جي شو ۾ جج طور پڻ ڪم ڪري رهي آهي، جتي هوءَ ساٿي اداڪارائن روبينا اشرف ۽ مرينا خان سان گڏ آن ايئر ڊرامن تي پنهنجا ويچار ونڊيندي آهي.

ان ڏس ۾ ناديه خان، ياسر حسين جي ڊرامي بابت پنهنجي راءِ ڏيندي ان کي رڳو 4 نمبر ۽ هدايتڪاري کي 0 نمبر ڏنو.

ياسر حسين، ناديه جي تنقيد تي ردعمل ڏيندي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو ته ”مان ناديه جي سموري ڪيريئر جي اداڪاري کي 1.5 نمبر ۽ ميزباني کي 2.5 نمبر ڏيان ٿو، باقي اڄڪلهه ناديا خان ارنَب گوسوامي کان 10 نمبر اڳتي آهي.“

ياسر حسين وڌيڪ چيو ته ” ٿڌا ٿيو، نمبرن سان ڪجهه ناهي ٿيندو.“

ياد رهي ته نجي ٽي وي چينل تي نشر ٿيندڙ ڊرامي ۾ ياسر حسين جي گهرواري اداڪارا اقرا عزيز، اداڪار شجاع اسد سان گڏ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔