علوي ۽ خاندان جا بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ بابت طلب

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر عارف علوي ۽ سندس خاندان جي بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جي معاملي تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا آهن ۽ 5 جون تائين جواب طلب ڪيو آهي.عدالت اڳوڻي صدر عارف علوي ۽ سندس خاندان جي بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار جي وڪيل بئريسٽر علي طاهر عدالت کي ٻڌايو ته عارف علوي، سندس زال ۽ ٻارن جا بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا ويا آهن.هن چيو ته ايف آءِ اي هڪ جاچ جي بنياد تي سڄي خاندان جا بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا. بئريسٽر علي طاهر وڌيڪ چيو ته اڪائونٽس منجمد ٿيڻ سبب روزاني خرچن کي پورو ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي.عدالت بئريسٽر علي طاهر کان پڇيو ته ڇا هن کي هي ڪيس وڙهڻ لاءِ فيس به ادا ڪئي وئي آهي؟ بئريسٽر علي طاهر جواب ڏنو ته مان هي ڪيس فيس کانسواءِ وڙهي رهيو آهيان.عدالت پنهنجا ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪن ٿا ۽ انهن کان جواب طلب ڪن ٿا، ڌرين کي جواب ڏيڻ ڏيو، پوءِ ڏسنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔