واشنگٽن : گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو آهي ته ڀارت خطرناڪ بحري تيارين ۾ مصروف آهي.سلامتي ڪائونسل جي بحث ۾، سفير عاصم افتخار چيو ته اهو پريشان ڪندڙ آهي ته هڪ وڏي طاقت لامحدود علائقائي بالادستي جو خواب ڏسي رهي آهي، اها بحري توسيع جي ذريعي اهم آبي رستن تي غلبو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.هن چيو ته پاڙيسري ملڪن کي علائقائي بحري سيڪيورٽي ڍانچي خاص طور تي انڊين اوشن رِم ايسوسيئيشن مان خارج ڪيو پيو وڃي، عاصم افتخار وڌيڪ چيو ته ڀارت دريائن تي قبضو ڪرڻ ۽ انهن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جو طريقو به اختيار ڪري رهيو آهي، جيڪو معاهدن جي واضح خلاف ورزي آهي.