مودي جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر سندس مٿان تنقيد ٿي رهي آهي، فيصلو ڀارتي عوام ڪندي: خواجه آصف

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم مودي جي خلاف پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر تنقيد ٿي رهي آهي.  مودي جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، فيصلو ڀارتي عوام ڪندو. هن چيو ته ڪشمير ۽  دهشتگردي تي ڳالهيون ٿينديون، ڀارت سان ڳالهين جي ايجنڊا ۾ 3 شيون آهن. دهشتگردي ايجنڊا جو حصو آهي.

خواجه آصف چيو ته دنيا هاڻ پاڻ فيصلو ڪندي، پاڪستان 25 سالن کان دهشتگردي جو نشانو بڻيو آهي. الزام به اسان جي مٿان لڳايا پيا وڃن. دفاع واري وزير چيو ته وزيراعظم پاڻ آڇ ڪئي هئي ته دهشتگردي جي واقعن جي جاچ ڪئي وڃي. پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف جنگ کي مڃيو وڃي پاڪستان وڏو نقصان برداشت ڪيو آهي.  سموري دنيا کان وڌيڪ پاڪستان نقصان برداشت ڪيو.

دفاع واري وزير چيو ته ٻئي ايجنڊا ڪشمير مسئلي تي آهي انهي تي به ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، ٽئين ايجنڊا پاڻي جي مسئلي تي ڳالهيون ڪيون وڃن. پاڻي جي معاملي کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي سنڌ طاس معاهدي کي نٿو ڇيڙي سگهجي. هن چيو ته جڏهن ڳالهين جي ڪوشش شروع ٿي ته معاهدي جي شقن موجب ڏسڻ گهرجي. ڀارت پاڻ ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي. ڀارت انٽرنيشنل دهشتگرد آهي. اسان گذريل 25 سالن کان ڀارت جي خلاف اوڀر ۽ اولهه ۾ جنگ وڙهي رهيا آهيون. هن چيو ته ڀارت جي دهشتگردي جا ثبوت ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ به موجود آهن اهي دهشتگردي جا ثبوت ڳالهين ۾ سامهون آڻڻ گهرجن.

خواجه آصف چيو ته مودي جي خلاف پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر تنقيد ٿي رهي آهي. مودي پنهنجي خطاب ۾ شين کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، شيون ايتريون بکڙجي چڪيون آهن جو هاڻ مودي جي وس جي ڳالهه ناهي. مودي جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن. هاڻ فيصلو ڀارت جو عوام ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔