شاهه جهان مسجد جو شاهي خطيب لاڏاڻو ڪري ويو

ٺٽو : ٺٽي جي تاريخي شاهه جهان مسجد جا پيش امام مولانا عبدالباسط صديقي لاڏاڻو ڪري ويا آهن.مفتي مولانا شاڪر پنهنجي والد جي وفات جي تصديق ڪندي چيو ته سندس مرحوم والد مولانا عبدالباسط صديقي شاهه جهان مسجد جا نائين شاهي خطيب هئا. مفتي مولانا شاڪر چيو ته مرحوم مولانا عبدالباسط صديقي جي جنازي نماز اڄ ظهر جي نماز کان پوءِ شاهه جهان مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي.مولانا عبدالباسط صديقي کي گذريل رات دل جو دورو پوڻ کان پوءِ سول اسپتال مڪلي نيو ويو، پر هو بچي نه سگهيا ۽ خالق حقيقي سان ملڻ لاءِ هليا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔