جنيوا : جنيوا ۾ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ هڪ واپاري معاهدو طئي ٿيو آهي، وائيٽ هائوس موجب آمريڪي صدر کي ڳالهين جي نتيجن کان آگاهه ڪيو ويو آهي.آمريڪي خزاني واري سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته چين سان ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ واپاري معاهدي جي تفصيل صبح جو جاري ڪئي ويندي، آمريڪي خزاني واري سيڪريٽري سوئس حڪومت جو ڳالهين جي ميزباني ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو، آمريڪي نائب صدر، ٻن وزيرن ۽ سفيرن ڳالهين ۾ حصو ورتو، آمريڪي واپاري نمائندي جيميسن گريس جو چوڻ آهي ته چين سان ڳالهين جي نتيجي ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي ۽ اهو معاهدو واپاري خساري کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪندو، جيميسن گريس وڌيڪ چيو ته اهو معاهدو آمريڪا جي 1.2 ٽريلين ڊالر جي واپاري خساري کي گهٽائڻ لاءِ اهم آهي.