ڀارتي فوج اسان کي ڊيڄاري نٿي سگهي، ملڪي سلامتي جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا: آرمي چيف

راولپنڊي:  آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ملڪي سلامتي جو دفاع ڪيئن ڪرڻو آهي اهو اسان چڱي ريت ڄاڻون ٿا.

ڀارت کي  منهن ٽوڙ جواب ڏيندڙ آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي کان پوءِ آءِ ايس پي آر طرفان آرمي چيف جنرل عاصم منير جي بيانن جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هن ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو.

وڊيو ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير چئي رهيو آهي ته الحمدالله! تاريخ اهو ثابت ڪيو آهي ته پاڪ فوج ۽ قوم هر جارحيت خلاف پوري طاقت سان وڙهي سگهي ٿي. آرمي چيف چيو ته علاقائي سالميت ۽ خودمختاري جي تحفظ لاءِ پاڪستان ۾ تمام گهڻي دفاعي صلاحيت موجود آهي. ملڪي سلامتي جو دفاع ڪيئن ڪرڻو آهي اهو اسان چڱي ريت ڄاڻون ٿا.

جنرل عاصم منير چيو ته 13 لک ڀارتي فوج پنهنجن سمورن هٿيارن سان اسان کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي نٿي سگهي، اسان جي بزرگن ۽ اسان هن ملڪ کي ٺاهڻ جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان هن ملڪ جي حفاظت ڪرڻ به ڄاڻون ٿا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چئي رهيو آهي ته اسان ڀارت جي طاقت، مڪاري ۽ جارحيت کان ڊڄڻ واري قوم نه آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔