بيجنگ/واشنگٽن: آمريڪا ۽ چين ڀارت طرفان پاڪستان تي ڪيل حملي تي سخت رد ظاهر ڪندي انهي کي افسوسناڪ ۽ ڳڻتي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت طرفان اڄ صبح جي فوجي ڪارروائي تي اسان کي سخت ڳڻتي آهي. چين سمجهي ٿو ته ڀارت ۽ پاڪستان ٻئي هن خطي جا اهم پاڙيسري ملڪ آهن، انهن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي. چين هر قسم جي دهشتگردي جي مخالفت ڪري ٿو، سمورين ڌرين کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن زور ڏنو ته ٻئي ڌريون اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جيڪي خطي جي امن ۽ استحڪام کي وڌيڪ متاثر ڪري سگهن ٿيون.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به ڀارت طرفان پاڪستان تي حملي تي رد عمل ڏيندي انهي کي شرمناڪ قرار ڏئي ڇڏيو ڊونلڊ ٽرمپ اوول هائوس ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته شرم جهڙي ڳالهه آهي ته اسان به پاڪستان جي خلاف ڀارت طرفان ڪيل حملي جي باري ۾ ٻڌو آهي. ٽرمپ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وڙهي رهيا آهن. ياد رهي ته ڀارت پاڪستان تي حملو ڪري 5 هنڌن تي ميزائل فائر ڪري ڇڏيا جنهن ۾ سويلين آبادي ۽ مسجدن کي نشانو بنايو ويو. ڀارتي حملي ۾ 26 شهري شهيد ٿي ويا.