اسلام آباد: عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) طرفان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان کي تقريبن 70 ڪروڙ ڊالر ملڻ جو امڪان آهي.
آءِ ايم ايف اختيارين موجب ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس 9 مئي تي ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان کي قرض پروگرام جي ايندڙ جاري ڪرڻ جي لاءِ مشن جي سفارشن جو جائزو ورتو ويندو
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايگزيڪٽو بورڊ طرفان سفارشن جي منظوري جي صورت ۾ ايندڙ قسط جي رقم 12 مئي تي پاڪستان کي ملي ويندي. آءِ ايم ايف اختيارين موجب موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ رقم جي پهرين قسط جاري ڪرڻ جي منظوري به اجلاس ۾ بحث هيٺ ايندي.
انهي حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رقم جي منظوري ٿئي ته پاڪستان کي تقريبن 70 ڪروڙ ڊالر ملڻ جو امڪان آهي.
ياد ته پاڪستان جو دورو ڪندڙ وفد آءِ ايم ايف پروگرام جي تحت پاڪستان کي ايندڙ قسط جي تحت 1.1 ارب ڊالر ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي.