ڀارتي ايئر لائينز کي روزانو تيل جي مد ۾21 ڪروڙ جو نقصان

ڪراچي: پاڪستاني فضائي حدن جي بندش سبب ڀارتي ايئر لائنز کي رڳو تيل جي خرچ جي مد ۾ روزانو لڳ ڀڳ 21 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، جڏهن ته جيڪڏهن اها پابندي برقرار رهي ته ايئر لائنز کي وڌيڪ وڏا مالي نقصان برداشت ڪرڻا پوندا. ٻئي طرف، مسافر ڊگهي وقت واري اڏامن کان بچڻ لاءِ گهٽ وقت واريون پرڏيهي اڏامون ترجيح سان چونڊي رهيا آهن، جيڪي پاڪستاني فضائي حدن مان گذري ڀارت پهچي سگهن ٿيون. انهن اڏامن جا سفري خرچ به گهٽ آهن.ماهرن موجب، بوئنگ 777 جهاز هڪ ڪلاڪ ۾ 6668 ڪلوگرام تيل استعمال ڪري ٿو، جڏهن ته ايئر بس A319، A320 يا A321 جهاز سراسري طور تي 2400 ڪلوگرام تيل استعمال ڪن ٿا. هڪ ڪلوگرام جيٽ تيل جي اوسط قيمت 0.82 ڊالر آهي، ۽ ڀارت ۾ 6668 ڪلوگرام جيٽ تيل جي موجوده قيمت 5467 ڊالر بڻجي ٿي. عام حساب موجب، جيڪڏهن بوئنگ 777 يا 787 جهاز 100 ڪلاڪ اضافي اڏام ڪري ٿو ته رڳو تيل جي خرچ ۾ 5 لک 46 هزار 776 ڊالر جو اضافو اچي ٿو. اهڙيءَ ريت، جيڪڏهن ايئر بس A319، A320 يا A321 جهاز 100 ڪلاڪ اضافي اڏام ڪري ٿو ته ايئر لائن کي تيل جي خرچ ۾ هڪ لک 96 هزار ڊالر جو اضافي بوجهه برداشت ڪرڻو پوي ٿو. پاڪستاني فضائي حدن جي بندش سبب ڀارتي ايئر لائنز کي 2 کان 4 ڪلاڪ اضافي سفر ڪرڻو پئي ٿو، پر هتي ٻن ڪلاڪن جو حساب لڳايو ويو آهي. ڀارت کان آمريڪا، ڪينيڊا، يورپ، برطانيا يا ٻين ملڪن ڏانهن اچڻ وڃڻ لاءِ 100 بوئنگ ۽ 100 ايئر بس جهازن کي روزانو ٻن ڪلاڪن جي اضافي اڏامن لاءِ 7 لک 42 هزار 776 ڊالر جو وڌيڪ تيل ساڙڻو پوي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔