ڄاڻون ٿا ته پنهنجي وطن جو دفاع ڪيئن ڪجي: آرمي چيف

راولپنڊي : آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي وطن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا.پي ايم اي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هندستاني ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا روايتي پروپيگنڊا ذريعي تاريخ کي مسخ نه ٿا ڪري سگهن.آرمي چيف جو چوڻ آهي ته مسلمان زندگي جي هر پهلوءَ ۾ هندن کان مختلف آهن. اسان جو مذهب، رسمون، روايتون، سوچ ۽ خواهشون هندن کان مختلف آهن.هن چيو ته ٻه قومي نظريي جو بنياد اهو هو ته مسلمان ۽ هندو ٻہ قومون هيون. اسان جي ابن ڏاڏن پاڪستان جي قيام لاءِ بيشمار قربانيون ڏنيون، ۽ هڪ نئين وطن حاصل ڪرڻ لاءِ انهن هڪ بي مثال جدوجهد ڪئي.اهي چون ٿا ته ٻه قومي نظريو هميشه پاڪستان جي وجود جو بنياد رهيو آهي، ۽ مسلمانن ۽ هندن جو مذهب، تهذيب، ٻولي ۽ ثقافت مڪمل طور تي مختلف آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔