انقره : پاڪستان ۽ ترڪي توانائي، معدنيات ۽ آئي ٽي شعبن ۾ تعاون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته انقره دفاعي شعبي ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، رپورٽ موجب انقره ۾ ترڪ صدر سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترڪي هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو مڪمل ساٿ ڏنو آهي. رجب طيب اردگان جي اڳواڻي ۾ ترڪي مثالي ترقي ڪئي آهي. هن چيو ته هو انقره ۾ شاندار استقبال لاءِ صدر رجب طيب اردگان جو شڪرگذار آهي، ۽ کيس ساڻس ملي خوشي ٿي.وزيراعظم چيو ته رجب طيب اردگان 2022 جي تباهي ڪندڙ ٻوڏ دوران هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو دورو ڪيو. ان کان اڳ، هن 2010 جي ٻوڏ دوران پاڪستان جو دورو ڪيو هو ۽ متاثرين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو هو، شهباز شريف چيو ته غزه ۾ 50 هزار کان وڌيڪ بيگناهه فلسطيني شهيد ٿيا، غزه ۾ فوري طور تي جنگ بندي ٿيڻ گهرجي، فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو، هن چيو ته هو دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ترڪي جي تعاون جو شڪرگذار آهي، ۽ وقت اچي ويو آهي ته دهشتگردي خلاف گڏيل ڪوششون ڪيون وڃن، پاڪستان جي وزيراعظم چيو ته هن ترڪي سان توانائي، کان کني، معدنيات ۽ آئي ٽي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.