ڏيڍ سال کان پوءِ ريمانڊ ڇو ياد آيو؟ سپريم ڪورٽ عمران خان جي جسماني ريمانڊ جي اپيل اُڪلائي ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پنجاب حڪومت طرفان پي ٽي آءِ باني جي جسماني ريمانڊ جي درخواست تي انڪار ڪندي اپيلون اُڪلائي ڇڏيون.

سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان جي جسماني ريمانڊ جي لاءِ داخل پنجاب حڪومت جي اپيلن تي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي عدالت کي چيو ته جوابدار جي فوٽو گراميٽڪ، پولي گرافڪ ۽ وائس ميچنگ ٽيسٽ ڪرائڻا آهن.

انهي تي جسٽس هاشم ڪاڪڙ چيو ته درخواست ۾ استدعا ٽيسٽ ڪرائڻ جي نه جسماني ريمانڊ جي هئي، ٽرائل ڪورٽ کان اجازت وٺي ٽيسٽ ڪرائي وٺو.

عدالت چيو ته پي ٽي آءِ باني جا وڪيل درخواست داخل ٿيڻ تي مخالفت ڪرڻ جو حق رکن ٿا، جوابدار جي گرفتاري کي ڏيڍ سال گذري چڪو، ڏيڍ سالن کان پوءِ جسماني ريمانڊ ڇو ياد آيو؟ هاڻ ته جسماني ريمانڊ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار تعاون نه ڪيو، جنهن تي جسٽس هاشم ڪاڪڙ چيو ته جيل ۾ گرفتار جوابدار کان وڌيڪ ڪهڙو تعاون گهرجي؟ منهنجو  هڪ ئي فيصلو آهي ته هڪ هزار کان وڌيڪ ضمني چالان به پيش ٿي سگهن  ٿا. جسٽس ڪاڪڙ چيو ته 5 ڏينهن اڳ هڪ فوجداري ڪيس ٻڌو، ڪيس ۾ نامزد جوابدار  7 سالن تائين ڊيٿ سيل ۾ رهيو جنهن کي باعزت بري ڪيو ويو، اسان کي 3 مهينن جو وقت ڏيو فوجداري ڪيس ختم ڪري ڇڏينداسين.

جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن عام قتل ڪيس ۾ ته اهڙا ٽيسٽ ڪڏهن به ناهن ڪرايا ويا، اميد آهي ته عام ماڻهو جي ڪيسز ۾ به حڪومت اهڙي ئي ڪارڪردگي  ڏيکاريندي.

عدالت چيو ته پي ٽي آءِ باني جي جسماني ريمانڊ جي لاءِ داخل ڪيل اپيلون ٻن بنيادن تي اڪلائي سگهجن ٿيون. استغاثه پي ٽي آءِ باني جي پولي گرافڪ ٽيسٽ، فوٽو گرافڪ ٽيسٽ، وائس ميچنگ ٽيسٽ لاءِ ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي لاءِ آزاد آهي، پي ٽي آءِ باني جي قانوني ٽيم ٽرائل ڪورٽ ۾ اهڙي درخواست اچڻ تي ليگل ۽ فيڪچوئل اعتراض اٿاري سگهي ٿي.

جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي آءِ باني جي جسماني ريمانڊ جي لاءِ داخل پنجاب حڪومت جون اپيلون اڪلائيندي چيو ته پنجاب حڪومت چاهي ته ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔