سکر/خيرپور/اوٻاوڙو : ٻٻرلوءِ ۾ لڳل ڌرڻو ڇهين ڏينهن به جاري آهي، ڌرڻن جو سلسلو اربع کان مختلف شهرن تائين وسيع ڪيو ويو آهي. اوٻاوڙو ۾ ڪمون شهيد تي به احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري سنڌ پنجاب بارڊر به بند ڪئي وئي آهي، ڪشمور ۾ گولا موڙ وٽ ٽن ڏينهن کان ڌرڻو جاري آهي، شڪارپور وٽ به ڌرڻو آهي ۽ بلوچستان ڏانهن به هيوي ٽريفڪ بند آهي. ننڍين گاڏين جي اچ وڃ جاري آهي، گڊز ٽرانسپورٽ وارين وڏين گاڏين تي بندش آهي. ڪجهه ٽرڪن ۾ ڪوئلو جيڪو پنجاب نيو پئي ويو، انهن ۾ گرمائش سبب دونهون اٿي رهيو هو، انهن ٽرڪن کي آف لوڊ ڪيو ويو آهي. مختلف بارڪائونسلز پاران عدالتي بائيڪاٽ جو سلسلو جاري آهي، وڪيل اڳواڻن پاران هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڪم کان روڪڻ جي درخواست ڪئي جيڪا چيف جسٽس رد ڪري ڇڏي، احتجاج ۾ روزانو جي بنياد تي شدت اچڻ لڳي، وڪيلن جي حڪومت کي ڏنل 72 ڪلاڪن جي ڏنل پهرين مهلت ختم ٿي وئي هئي جنهن بعد سومر تي 72 ڪلاڪن جو نئون الٽيميٽم ڏنو هو. هوڏانهن اربع تي هڪ پاسي مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر بشير ميمڻ پارٽي قيادت جي هدايت تي ٻٻرلوءِ پهچي وڪيلن سان ڳالهيون ڪيون ته ٻئي پاسي پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ سيد خورسيد شاهه به ٻٻرلوءِ پهچي وڪيلن سان اظهار يڪجهتي ڪندي کين 25 اپريل تي سکر ۾ رٿيل ڪينال مخالف جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وڪيلن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ۽ سياسي جماعتن سان ڳالهين لاءِ 14 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي آهي جيڪا معاملا طئي ڪري سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي آڏو سفارشون پيش ڪندي ۽ حتمي فيصلو سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي ڪندي جنهن جو چيئرمين عامر نواز وڙائچ هوندو.