ڪراچي: ڪراچي قونصل خاني ۾ مقرر آمريڪي سفير اسڪاٽ اربام حيدرآباد جو سرڪاري دورو مڪمل ڪيو، جتي هن سرڪاري عملدارن، نوجوانن، تعليمي اڳواڻن، ڪاروباري برادري جي ميمبرن، ۽ آمريڪي حڪومت سان لاڳاپيل عوامي سفارتڪاري پروگرام جي گريجوئيٽس سان ملاقاتون ڪيون. هن دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن جي ماڻهن درميان مضبوط لاڳاپن ۽ اقتصادي سهڪار کي فروغ ڏيڻ هو

ڄامشوري جي دوري دوران، قونصل جنرل اربام پاڪستان-آمريڪا المنائي نيٽورڪ جي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ سينيئر المنائي ميمبرن سان ملاقات ڪيائون. هن تقريب ۾ آمريڪي حڪومت پاران ھلندڙ سماجي ۽ تعليمي مٽاسٽا وارن پروگرامن جي ھاڪاري اثرن کي اجاگر ڪيو ويو ۽ المنائي نيٽورڪ جي اڳواڻي ۾ ھلندڙ مختلف منصوبن، جيڪي اقتصادي ترقي، عوامي حفاظت، ۽ نوجوانن جي شموليت کي اڳتي وڌائي رهيا آهن، جي ڪاڪردگي کي ساراھيو.

ان موقعي تي اربام چيو، "ڄامشوري جا المنائي پنهنجن خيالن کي حقيقت ۾ بدلائي رهيا آهن. اهي، گرانٽس ذريعي، ٽيڪنالاجي سان سلھاڙيل پروگرام ترتيب ڏيئي، سماجي صحت ۽ حفاظت ۾ پنھنجو حصو ونڊي رهيا آهن، ۽ سماج جي ھيٺئن سطح تائين سائنسي بنيادن تي مسئلن جا حل مھيا ڪري، پٺ تي پيل برادرين کي بهترموقعه ڏيئي اڳڀرو ڪري
رھيا آھن.

قونصل جنرل اربام گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۾ انگريزي ايڪسس اسڪالرشپ پروگرام جي اختتامي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ٻن سالن تي مشتمل هن پروگرام 75 شاگردن کي انگريزي ٻولي جي مهارتن کان علاوه تنقيدي ۽ ثقافتي سوچ بيدار ڪرڻ ۾ اھم ڪردارادا ڪيو آھي. ان موقعي تي اسڪاٽ اربام چيو ته، "تعليم جي ميدان ۾ ان قسم
جي سيڙپڪاري ذريعي، آمريڪا، پاڪستان ۾ ڊگهي مدي تائين استحڪام ۽ خوشحالي کي ھٿي ڏيئي رھيوآھي.”

حيدرآباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان ملاقات دوران، قونصل جنرل علائقي جي زرعي، معدني، ۽ ڪاروباري منظرنامي تي خيال اوريا. هن آمريڪي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي پڻ ڳالهايو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾
اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي.

قونصل جنرل اربام شمس العلماء علامه دائودپوٽولائبريري ۾ قائم لنڪن ڪارنر حيدرآباد ۾ شاگردن سان ملاقات ڪئي، بيس بال ۽ ڪرڪيٽ تي راندين جي سفارتڪاري بابت آگاھي ڏني.
قونصل جنرل جو هي دورو تعليم، اقتصادي شموليت، ۽ ھيٺئن سطح تائين برادرين کي بااختياربڻائڻ ۾ آمريڪا-پاڪستان تعاون جي اهميت کي اجاگرڪري ٿو—ھي اهڙيون سفارتي ترجيحون آھن، جيڪي ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ محفوظ، مضبوط، ۽ خوشحال بڻائين ٿيون