ڪراچي: سنڌ بار ڪونسل جي سڏ تي ڪراچي بار جي سٽي ڪورٽ ۾ هڙتال جو سلسلو جاري آهي.
سنڌ بار ڪونسل ڪئنالن جي تعمير واري معاملي تي اڻڄاتل مدي لاءِ عدالتي ڪارروائي جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سبب ڪورٽ ۾ هڙتال جي دوران وڪيلن ڪورٽ جا داخلي دروازا بند ڪري ڇڏيا.
ٻئي طرف عدالت جي ٻاهران فريادين جو رش لڳي ويو، جنهن سبب عدالتي ڪارروائي معطل ڪئي وئي، سنڌ بار ڪونسل موجب وڪيل برادري جا مطالبا پورا نه ٿيڻ تائين عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ جاري رهندو.
ياد رهي ته سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ جي تڪراري منصوبي خلاف سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪالهه به احتجاج جو سلسلو جاري رهيو. خيرپور ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن ڪئنالن جي خلاف ڌرڻو هنيو آهي جنهن ۾ سموري سنڌ جا وڪيل شامل آهن. احتجاجي ڌرڻي سبب سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ هلندڙ ٽريفڪ معطل آهي جنهن سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.