احتجاج، پوليس تشدد ڪيس: علي امين سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور: 5 آڪٽوبر 2024 تي پنجاب جي راڄنڌاني لاهور ۾ احتجاج ۽ پوليس تي تشدد بابت ڪيس ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، اڳوڻي وفاقي وزير حماد اظهر سميت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا.

دهشتگردي جي انت واري عدالت لاهور ۾  5 آڪٽوبر تي پي ٽي آءِ جي لاهور ۾ احتجاج ۽ پوليس تي تشدد بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، پوليس جي دخواست تي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا.

دهشتگردي جي انت واري عدالت جي ايڊمن جج منظر علي گل گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، علي امين گنڊاپور سميت پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 4 اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا. جن اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيا انهن ۾ اڳوڻو وفاقي وزير، پي ٽي آءِ جو سينئر اڳواڻ حماد اظهر به شامل آهي انهي کان علاوه سعيد سندهو ۽ شهباز احمد جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا.

عدالت ۾ ٻڌڻي جي دوران لاهور پوليس موقف اختيار ڪيو ته علي امين گنڊاپور سميت ٻيا پي ٽي آءِ اڳواڻ جاچ ۾ شامل نه ٿي رهيا آهن انهن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔