اين ڊي ايم اي سموري ملڪ ۾ 27 اپريل تائين سخت گرمي جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي: نيشنل ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) سموري ملڪ ۾ اڄ کان 27 اپريل تائين سخت گرمي جي لهر جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب موسميات کاتي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀني کان وڌيڪ گرمي پد جيڪب آباد ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪراچي ۾ اڄ به هيٽ ويو جي لهر جاري آهي جتي گرمي پد 41 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ اڄ برسات جي اڳڪٿي به ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته ڪراچي ۾ گذريل 2 ڏينهن کان هيٽ ويو ۽ سخت گرمي جي لهر برقرار آهي.

ڪراچي ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان سامونڊي هوائون معطل آهن گرمي پد 40.4 ڊگري تائين پهچي ويو هو جنهن جي ڪري شهرين جي وڏي انگ کي ڊي هائيڊريشن جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو هو.

طبي ماهرن مشورو ڏيندي چيو آهي ته سخت گرمي جي موسم ۾ شهري گهرن کان غير ضروري طور تي ٻاهر نه نڪرن. خاص طور تي بزرگن ۽ ٻارن جو خاص خيال رکيو وڃي. پاڻي جو متوازن استعمال ڪيو وڃي. معياري خوراڪ کي کاڌن جو حصو بنايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔