دبئي : بالي ووڊ اداڪارا واني ڪپور جو چوڻ آهي ته فواد خان تمام گهڻو دلڪش آهي ۽ وڏي اسڪرين لاءِ ٺهيو آهي،پاڪستاني سپر اسٽار فواد خان ۽ بالي ووڊ اداڪارا واني ڪپور جي فلم ‘عبير گلال’ جي پهرين وڏي پروموشنل تقريب ڪالهه دبئي جي گلوبل وليج ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ فلم جي پوري ٽيم ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري شرڪت ڪئي.فلم ‘عابير گلال’ جو مڪمل ميوزڪ البم تقريب کان اڳ ڊجيٽل پليٽ فارمن تي جاري ڪيو ويو. تقريب دوران هڪ ڳالهه ٻولهه ۾، هندستاني اداڪارا واني ڪپور کيس پنهنجو پسنديده ساٿي اداڪار قرار ڏنو.واني ڪپور چيو ته فواد جو اخلاق تمام سٺو آهي ۽ هو تعاون ڪندڙ آهي، ۽ ان سان ڪم ڪرڻ جو تجربو شاندار رهيو. ٻئي طرف، جڏهن اداڪاره کان هڪ لفظ ۾ فواد جي تعريف ڪرڻ لاءِ چيو ويو، ته هن چيو ته فواد تمام گهڻو دلڪش آهي ۽ وڏي اسڪرين لاءِ ٺهيو آهي.