ڪراچي : ماحوليات کاتي جي سفارش تي سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ هر قسم جي پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي لڳائي ڇڏي، هي پابندي هر وزن ۽ سائيز جي پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي لاڳو ٿيندي، جنهن ۾ ڪيريئر ۽ شاپنگ بيگز شامل آهن، غير حل ٿيندڙ ۽ آڪسو-ڊيگريڊبل پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي لڳائي ويندي، هي قدم 2014 جي پلاسٽڪ پراڊڪٽس رولز ۾ ترميم ڪري ٿو ته جيئن انهن کي وڌيڪ سخت بڻائي سگهجي،ڪابينا جي منظوري کان 60 ڏينهن بعد پابندي لاڳو ڪئي ويندي.