ڪوئٽه: بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري(بي سي) جا 3 اهلڪار شهيد ۽ 19 زخمي ٿي پيا.رپورٽ موجب سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو آهي ته ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو دشت روڊ تي کنڊ مهسوري جي ڀرسان ٿيو، ڌماڪي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ کي نشانو بنايو ويو،پوليس اختيارين ٻڌايو ته ڌماڪو موٽر سائيڪل ۾ لڳايل ريموٽ ڪنٽرول بارودي مواد سان ڪيو ويو، ڌماڪو انهي وقت ڪيو ويو جڏهن بلوچستان ڪانسٽيبلري جا اهلڪار پوليس ٽرڪ ۾ سوار ٿي ڊيوٽي کان واپس وڃي رهيا هئا، پوليس اختيارين موجب ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.پوليس اختيارين ٻڌايو ته بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ٿيا جڏهن ته 19 زخمي ٿي پيا آهن. شهيد اهلڪارن جي لاشن کي ضابطي جي ڪارروائي ۽ زخمي ٿيل اهلڪارن کي طبي امداد جي فراهمي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڌماڪي جي حوالي سان بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند چيو ته آر ٽي سي قلات کان پوليس اهلڪارن کي کڻي ويندڙ ٽرڪ تي آءِ اي ڊي ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جا 3 جوان شهيد ٿي ويا. هن ٻڌايو ته زخمين ۾ 2 اهلڪارن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، سمورن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سخت زخمين کي ڪوئٽه منتقل ڪيو پيو وڃي.صدر آصف علي زرداري مستونگ ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي گاڏي ڀرسان ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ 3 اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ايوان صدر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ صدر زرداري ملڪي سلامتي جي خاطر حياتين جو نذرانو پيش ڪرڻ تي بلوچستان ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سندن ڪوشش جاري رکڻ رکڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف به بلوچستان جي ضلعي مستونگ جي علائقي شمس آباد ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي گاڏي تي دهشترد حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ 3 اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي لاءِ دعاءِ مغفرت ڪئي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي ۽ زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته انسانيت جي دشمن دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي.بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ زخمين کي بهتر طبي امداد فراهمي جي هدايت ڪئي. پنهنجي بيان ۾ سرفراز بگٽي چيو ته زخمين جي علاج ۾ ڪابه غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، بلوچستان حڪومت شهيدن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته شهيد اهلڪارن جي خاندانن سان گڏ آهيون، شهيد اسان جي لاءِ فخر آهن ۽ هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندا. هن چيو ته قوم شهيدن جي عظيم قربانين کي هميشه ياد رکندي، دهشتگردن جو ڪوبه مذهب آهي نه علائقو اهي انسانيت جا کليل دشمن آهن.انهي کان علاوه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به مستونگ ڌماڪي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بلوچستان ڪانسٽيبلري جي جوانن جي شهادت تي دلي ڏک پهتو آهي، پوليس اهلڪارن جي شهادت قوم جو عظيم نقصان آهي. هن چيو ته دهشتگردي جون بزدلاڻيون ڪارروايون قوم جا حوصلا ختم نٿيون ڪري سگهن، شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو، پوري قوم ڏکويل آهي، ڏک جي هن گهڙي ۾ بلوچستان جي عوام ۽ شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون.