اسان جو ڌيان هاڻي ايندڙ ميچ تي آهي، ڪين وليمسن

لاهور: نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين ڪين وليمسن چيو آهي ته اسان جو ڌيان هاڻي ايندڙ ميچ تي آهي، ٻيو ڪجهه ناهي، دبئي ۾ کيڏڻ جو تجربو اسان لاءِ سٺو رهيو.لاهور ۾ ميچ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪين وليمسن چيو ته هتي وڏا اسڪورنگ ميچ ٿين ٿا ۽ اها اسان جي ڪوشش هئي، اسان کي هڪ وڏي پارٽنرشپ مان فائدو ٿيو. هن چيو ته اها هڪ سٺي پچ هئي پر ان کي سمجهه ۾ اچڻ ۾ وقت لڳو. ٻئي اننگز ۾ هتي حالتون ٿوريون مختلف هيون.ڪين وليمسن چيو ته دبئي جون حالتون مختلف آهن ۽ هر ٽورنامينٽ ۾ مختلف حالتن جو سامنا ڪرڻو پوندو آهي هن وڌيڪ چيو ته رچن رويندرا ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي،رچن رويندرا اعتماد سان بيٽنگ ڪندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔