اسلام آباد: سينيٽ جو اجلاس اڄ صبح ساڍي يارهين وڳي طلب ڪيو ويو آهي جنهن جو 16 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ سوالن جي وقفي سميت مختلف قائمه ڪميٽين جون رپورٽون پيش ڪيون وينديون.
قانون وارو وزير ۽ سينيٽر اعظم نذير تارڙ سول ڪورٽس ترميمي بل 2025 ۽ اسپيشل ٽيڪنالوجي زونز اٿارٽي ترميمي بل 2025 پيش ڪندو. جڏهن ته گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ترميمي بل 2025 پيش ڪندو.
ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي جي ڪيسز ۾ ڳڻتي جوڳي اضافي جي حوالي سان سينيٽر سرمد علي ڌيان ڏياريو نوٽيس پيش ڪندو، سينيٽر عون عباس پنجاب مان سفر ڪندڙ مسافرن جي بلوچستان ۾ قتل جي واقعي بابت ڌيان ڏياريو نوٽيس پيش ڪندو.