اسلام آباد: پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض پروگرام جي ٻئي قسط لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي. ذريعن موجب قرض پروگرام جي ٻئي قسط جي لاءِ ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف، ايف بي آر ۽ بي آءِ ايس پي اختياريون شريڪ ٿينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر آءِ ايم ايف کي 605 ارب روپين جو ٽيڪس شارٽ فال پورو ڪرڻ جي لاءِ پلان کان آگاهه ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ٽيڪس وصولي جو شارٽ فال پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪوبه مني بجيٽ نه آندو ويندو.
ذريعن موجب شارٽ فال پورو ڪرڻ جي لاءِ عدالتن ۾ ٽيڪس ڪيسز جلد اڪلايا ويندا ۽ حڪومت عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ٽيڪسز ۾ به تعاون جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انهي حوالي سان چيف جسٽس پاڪستان به ٽيڪس ڪيسز جي ٻڌڻي جلد ڪرائڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.