لاهور: چيمپئنز ٽرافي جو ٻيو سيمي فائنل قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو پيو وڃي. نيوزيلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. ينگ ول ۽ ريچن رويندرا اننگ شروع ڪئي. ڏکڻ آفريڪا جي بالر مارڪو جانسن پهريون اوور ڪرايو. ڪپتان مچل سينتنر جو چوڻ آهي ته سندن ٽيم ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي، ساڳئي ٽيم جيڪا ڀارت سان کيڏي هئي، اها ئي آهي. ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ٽيمبا بئوما چيو ته جيڪڏهن اسان ٽاس کٽيون ها ته اڳ ۾ بيٽنگ ڪريون ها ۽ اسڪور بورڊ تي وڏو ٽوٽل ڪري مخالفن تي پريشر وڌايون ها. لاهور جو موسم خوشگوار آهي، بارش جو ڪو به امڪان ناهي.