ڪراچي: ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن تي پنهنجي گارڊز سان گڏجي شهري تي تشدد ڪرڻ واري واقعي جي مُک جوابدار شاهه زين مري جي گرفتاري لاءِ ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي خط لکي ڇڏيو آهي.
ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا شاهه زين مري جي گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته شاهه زين مري جي گرفتاري لاءِ بلوچستان حڪومت سان رابطو ڪيو وڃي.
ڊي آءِ جي خط ۾ ٻڌايو ته شاهه زين مري گارڊز سان گڏجي 19 فيبروري تي شهري تي تشدد ڪيو، شاهه زين مري جا 5 گارڊز گرفتار ڪيا آهن، واقعي کان پوءِ شاهه زين مري بلوچستان فرار ٿي ويو هو.
آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ لکيو ويو آهي ته شاهه زين مري جو اباڻو تعلق ڪوهلو سان آهي، بلوچستان حڪومت شاهه زين مري جي گرفتاري کي يقيني بنائي. ٻئي طرف بلوچستان حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ پوليس اڃان تائين شاهه زين مري جي گرفتاري لاءِ بلوچستان حڪومت سان ڪوبه رابطو نه ڪيو آهي.