اسلام آباد: وفاقي ڪابينه ۾ واڌ ڪرڻ کان پوءِ هاڻ وڌيڪ اهم فيصلن جي تياري ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم پاڻ ڪيتريون ئي وزارتون ڇڏي ڏيندو جڏهن ته حلف کڻندڙ نون وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن کي اڃان تائين وزارتون نه ڏنيون ويون آهن. هن وقت 18 وفاقي وزيرن وٽ قلمدان آهن ۽ هڪ کان وڌيڪ عهدن وارن وزيرن سان اضافي قلمدان واپس وٺڻ جو امڪان آهي.
حڪومتي ذريعن موجب موجوده وزيرن جي قلمدانن ۾ هيٺ مٿانهين به ڪري سگهجي ٿي، وفاقي وزيرن کان محروم وزارتون به نون وزيرن کي ڏيڻ جي تجويز آهي پر قلمدانن بابت فيصلو وزيراعظم پاڻ ڪندو. انهي کان پوءِ ڪابينه ڊويزن نوٽيفڪيشن ڪندو.
ڪابينه ۾ واڌ کان پوءِ نون وزيرن جي قلمدانن جو اڃان تائين اعلان نه ٿيو، سمورن 30 وفاقي وزيرن ۽ ڊويزنن مان هن وقت 10 وفاقي وزيرن وٽ قلمدان آهن. ڪيترن ئي اهم وزارتن ۽ ڊويزنن کي اضافي قلمدانن جي ذريعي هلايو پيو وڃي. وزيراعظم ڪيترين ئي وزارتن ۽ ڊويزنن جا قلمدان پاڻ وٽ رکيل آهن جن مان ڪيتريون ئي وزارتون وزيراعظم ڇڏي ڏيندو. ذريعن ٻڌايو آهي ته صحت جي وزارت ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري کي ملڻ جو امڪان آهي.