ٽيم جي ڪارڪردگي تي بورڊ اختياريون ڏمريل، سينئر رانديگرن به مشاورت شروع ڪري ڇڏي

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سينئر رانديگرن چيمپيئنز ٽرافي ۾ خراب ڪارڪردگي سبب ايندڙ سيريز تان ”وقفو“ وٺڻ لاءِ صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جون اعليٰ اختياريون قومي رانديگرن جي ناڪام ڪارڪردگي تي سخت ناراض آهن.

انهيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکندي، ڪجهه رانديگر نيوزيلينڊ خلاف سيريز کان پاسيرو ٿيڻ جو سوچي رهيا آهن ته جيئن ڊراپ ٿيڻ جو ليبل لڳڻ کان اڳ پاڻ ئي دستبردار ٿي سگهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ايندڙ اسائنمينٽ نيوزيلينڊ ۾ وائيٽ بال سيريز آهي، جتي قومي ٽيم 16 مارچ کان 5 اپريل تائين 5 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچون کيڏندي.

ذريعن موجب، نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف، نسيم شاهه ۽ بابر اعظم کي ڊراپ ڪرڻ بابت غور ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔