جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ: 9 مئي واقعن ۾ مارجي ويل ڪنهن شهري جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ ئي ڏيکاري ڇڏيو: آئيني بينچ

اسلام آباد: 9 مئي سانحي بابت جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ تحريڪ انصاف کي وڌيڪ دستاويزات جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ پنج رڪني آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي ٻڌڻي  ڪئي. پي ٽي آءِ باني جي وڪيل حامد خان 9 مئي واقعي تي جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ بابت دليل ڏنا. جسٽس امين الدين خان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي هن درخواست ۾ استدعا ڪهڙي آهي؟

وڪيل حامد خان چيو ته 9 مئي واقعي تي جوڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي. چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي ٻن سينئر ججز تي ٻڌل جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ٻئي استدعا سويلين جو ملٽري ٽرائل نه ڪيو وڃي.

جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته سويلين جي ملٽري ٽرائل بابت استدعا ته اوهان جي غير موثر ٿي چڪي آهي اهو ته ڌار کان ڪيس هلي رهيو آهي، ڇا 184 جي شق 3 ۾ اسان جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ جو معاملو ڏسي سگهون ٿا. عمران خان جي وڪيل حامد خان چيو ته 9 مئي هڪ قومي واقعو آهي پر ان جي جوڊيشل انڪوائري  ناهي ٿي.

جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته اوهان ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين جي ٽرائل بابت ڪيس ۾ ڪٿي جوڊيشل ڪميشن جي استدعا ڪئي آهي؟ حامد خان جواب ڏنو ته نه هن ڪيس ۾ اسان جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ بابت  ڪابه استدعا ناهي ڪئي.

جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ۾ چيو ته اوهان پنهنجي درخواست ۾ لکيو آهي ته 9 مئي واقعي ۾ درجنين شهري فوت ٿيا. ڇا اوهان 8 مئي تي فوت ٿي ويل ڪنهن شهري جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ لڳايو آهي؟ ڪو هڪ سرٽيفڪيٽ ته اسان کي ڏيکاري ڇڏيو.

جسٽس امين الدين خان سوال اٿاريو ته شهرين جي فوتگي جي ڪا پرائيويٽ شڪايت داخل ٿي؟ ڪا هڪ اڌ ايف آءِ آر ڪرائي هجي ته اها ڏيکاري ڇڏيو. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته 9 مئي واقعي ۾ فوت ٿي ويل شهرين بابت ڪا ميڊيا رپورٽ ئي لڳائي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ تحريڪ انصاف کي وڌيڪ دستاويزات جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔