ڪراچي: پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ تيزي سان ڪاميابي حاصل ڪندڙ اداڪار احمد علي اڪبر شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو آهي.احمد علي اڪبر هڪ بين الاقوامي ايوارڊ يافته اداڪار آهي جيڪو ڪافي سنجيده آهي ۽ پنهنجي ذاتي زندگي کي ميڊيا کان الڳ رکي ٿو.تازو ئي اداڪار جي سوشل ميڊيا ڪنٽينٽ ٺاهيندڙ ۽ وڪيل ماهم بتول سان شادي جون خبرون سامهون آيون هيون، جن جي هاڻي نه رڳو تصديق ٿي آهي پر شادي جون تصويرون پڻ جاري ڪيون ويون آهن.احمد علي اڪبر پاڻ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي شادي جون تصويرون شيئر ڪيون.اداڪار تصويرون شيئر ڪيون ۽ پنهنجي مداحن کي شادي جي خوشخبري ڏيندي لکيو ته، “منهنجو دل، منهنجي زندگي، منهنجو امن، منهنجو گهر، هن پوسٽ کان پوءِ، سندس مداح اداڪار کي مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو.