ڪوئٽه: بلوچستان ۾ بارکهان جي تعلقي رکهني ۾ هٿياربندن سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي 7 مسافرن کي بس مان لاهي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
واقعو رکهني کي ڊيرا غازي خان سان ملائيندڙ شاهراهه تي پيش آيو جتي 10 کان 12 دهشتگردن ڪوئٽه کان فيصل آباد ويندڙ مسافر بس کي روڪي انهي مان 7 مسافرن جي سڃاڻپ ڪري هيٺ لاٿو جنهن کان پوءِ انهن کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا. مارجي ويلن جو تعلق پنجاب جي مختلف شهرن سان هو.
اسسٽنٽ ڪمشنر بارکهان خادم حسين چيو آهي ته بس جي 7 مسافرن کي لاهي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر موجب بس ڪوئٽه کان فيصل آباد وڃي رهي هئي، ليويز ۽ ايف سي علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي لاشن کي رکهني اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي. بس جي مسافر ذيشان صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته 10 کان 12 هٿياربندن بس کي روڪيو ۽ پوءِ 7 مسافرن کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ذيشان ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ عدنان کي به بس مان لاهي قتل ڪيو ويو. ڀاءُ کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي بس مان لاٿو ويو هو.
انهي کان علاوه متاثر خاندان جي مسافر عورتن به ٻڌايو ته اسان ڪوئٽه کان فيصل آباد وڃي رهيا هئاسين ته اسان جي ڀاءُ کي کي به سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي ڌڪا ڏيندي بس مان لاٿو ويو. جنهن کان پوءِ انهي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو
ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي بارکهان ۾ 7 مسافرن جي وحشياڻي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد معصوم ۽ هٿين خالي ماڻهن کي نشانو بنائي رهيا آهن. هن چيو ته امن دشمنن جون بزدلاڻيون ڪارروايون برداشت جوڳيون نه آهن. سخت جواب ڏنو ويندو. پاڪستانين کي شهيد ڪندڙ دهشتگردن کي آخري انجام تائين پهچائينداسين.
بلوچستان حڪومت جي ترجمان موجب بارکهان واقعي کان پوءِ ايف سي ۽ ليويز واقعي واري هنڌ پهچي چڪيون آهن، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جو پيڇو ڪري رهي آهي.