لاهور : آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ۾ شرڪت لاءِ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم لاهور پهچي وئي،چيمپئنز ٽرافي 2025 جي لاءِ پاڪستان ۾ عالمي ٽيمن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي.انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم به آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پهچي وئي آهي، انگلش ٽيم ڪپتان جوز بٽلر جي قيادت ۾ رانديگر لاهور پهتا آهن.هيڊ ڪوچ برينڊن مڪيليم سميت انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو مينيجينگ ڊائريڪٽر رابرٽ به ٽيم سان گڏ پاڪستان پهتو آهي.واضع رهي ته انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ۾ پنهنجي گروپ ميچ لاهور ۽ڪراچيءَ ۾ کيڏندي.