ملڪ جي 40 هزار ميگا اسٽورن جي سيلز بابت ڄاڻ ايف بي آر کي ڏيڻ لازمي قرار

اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ 40 هزار ميگا ريٽيل اسٽورز کي ايف بي آر سسٽم سان 24 ڪلاڪن ۾ جوڙڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) سيلز ٽيڪس رولز ۾ ترميم متعارف ڪرائي ڇڏي جنهن جي تحت ميگا ريٽيل اسٽورز کي سيلز جي ڄاڻ ايف بي آر کي ڏيڻ به لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

ايف بي آر موجب وڏن اسٽورن جي وڪرو جو ڊيٽا 24 ڪلاڪن جي اندر ايف بي آر کي ملي وڃي، وقت تي صحيح ڄاڻ نه ڏيڻ تي مذڪوره ريٽيلرز اسٽورن کي سيل ڪري سگهبو ۽ اسٽورن کي ڊي سيل ڪرڻ جو اختيار ڪمشنر ان لينڊ روينيو کي ڏنو ويو آهي.

ايف بي آر طرفان چيو ويو آهي ته ڏنڊ جي ادائيگي جي 24 ڪلاڪن ۾ اسٽور ڊي سيل ڪرڻ جا آرڊر ڏنا ويندا جڏهن ته سافٽ ويئر سان لاڳاپيل سمورين ڪوتاهين کي اسٽور ختم ڪرڻ جو پابند هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔