ڪراچي: سنڌ حڪومت شب برات جي حوالي سان 14 فيبروري تي سموري صوبي جي تعليمي ادارن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
انهي حوالي سان سنڌ جي تعليم کاتي 14 فيبروري جمعي تي عام موڪل جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته صوبي ۾ 15 شعبان تي سمورا سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا بند رهندا.
نوٽيفڪيشن ۾ واضح لکيو ويو آهي ته 14 فيبروري جي موڪل شب برات جي حوالي سان ڏني پئي وڃي. ياد رهي ته سموري ملڪ ۾ شب برات 13 فيبروري خميس جي ڏينهن مغرب جي نماز کان پوءِ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي.