وسيع ڪائنات ۾ روشني جي رفتار سان سفر ڪٿي، ڪڏهن پڄائيندو؟

هن وقت تائين ڪائنات جي تيز ترين رفتار روشني جي رفتار آهي جيڪا لڳ ڀڳ ٽي لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي حساب سان سفر ڪري سگهي ٿي، ڪائنات ۾ ڪا به اهڙي شيءِ موجود ناهي جيڪا روشني کان تيز رفتار ۾ سفر ڪري سگهي، اها ڳالهه الڳ آهي ته سفر گهٽائڻ لاءِ انکان به سولو رستو ورم هولز يا بليڪ هولز جا نظريا آهن جيڪي هن وقت تائين رڳو نظرياتي حد تائين ئي موجود آهن.

ڇا توهان ڪڏهن سوچو آهي ته جيڪڏهن ڪو به انسان روشني جي رفتار سان سفر ڪري ته ان جو ڪائنات جو سفر ڪيئن رهندو؟

ڪائنات ۾ ڇا؟ ڪٿي؟ ڪيترو پري؟ ڪيترو وڏو؟ ڪهڙي صورت ۾ موجود آهي؟ وغيره جا سوال رڳو سوال ئي آهن، اهڙي ڪا به حد موجود ناهي جيڪا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ته ڪائنات ان حد تي پهچڻ کانپوءِ ختم ٿي ويندي!

بهرحال اڄ اسان ڪائنات جي وسيع هجڻ بابت نه پر ڪائنات ۾ موجود ڪجهه جاين تي پهچڻ لاءِ لڳندڙ وقت بابت اوهانکي ٻڌائينداسين، اهو وقت به تڏهن ايترو لڳندو جو ڪو انسان روشني جي رفتار سان سفر ڪري.

اهڙي ڄاڻ کانپوءِ توهان کي گهٽ ۾ گهٽ ڪائنات جي وسيع هجڻ جو ٿورو گهڻو اندازو ضرور ٿي ويندو.

پر ان ڳالهه توهان کي اها ڳالهه ذهن ۾ ضرور رکڻ گهرجي ته اسان جي ڌرتي يا ڪائنات رائونڊ شيپ مطلب ته گولائي واري صورت ۾ موجود آهي ۽ جيڪڏهن اسان ڪنهن هڪ جاءِ کان مخصوص رخ ڏي سفر ڪنداسين ته اهو هڪ ئي پاسي جو سفر هوندو، جڏهن ته ڪائنات چوڌاري اهڙي ئي نموني تمام وسيع آهي.

بهرحال انسان جيڪڏهن روشني جي رفتار سان سفر ڪري ته انکي چنڊ تائين پڄڻ ۾ رڳو 1.3 سيڪنڊ لڳندا.

روشني جي رفتار سان سج تائين سفر ڪرڻ لاءِ 8.3 منٽن جو وقت لڳندو آهي.

پر جيڪڏهن اسان کي مِلڪي وي گيليڪسي کان ٻاهر نڪرڻو آهي جنهن ۾ اسان رهون ٿا ۽ اسانکي اينڊروميڊا گيليڪسي تائين سفر ڪرڻو آهي ته اهڙي سفر ڪرڻ لاءِ اسان کي روشني جي رفتار سان 2 هزار 6 سئو سالن تائين لڳاتار سفر ڪرڻو پوندو.

پر جيڪڏهن سائنسدانن جي آبزروايبل يونيورس مطلب مشاهداتي ڪائنات تائين سفر ڪرڻو آهي ۽ اهو سفر اسان اڄ شروع ڪيون ته ان آبزرو ايبل يونيورس واري پوائنٽ تي پهچڻ تائين اسان کي 93 بيلن سال لڳي ويندو.

ڪائنات تيزيءَ سان ڦهلجي يا وڌي رهي آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ ڪائنات 127 ملين نوري سال، هڪ مهيني ۾ تقريبن 3.8 ارب نوري سال جڏهن ته هڪ سال ۾ 46.5  ارب نوري سال وڌي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔