غزهه : ڪالهه اسرائيلي جيل مان يرغمالين جي بدلي ۾ آزاد ڪيل فلسطيني قيدين ۾ هڪ اهڙو ماڻهو به شامل هو جيڪو پنهنجي ٻن ڌيئرن سان زندگي ۾ پهريون ڀيرو مليو.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڪالهه اسرائيل 3 اسرائيلي ۽ 5 ٿائي يرغمالين جي بدلي ۾ 110 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو، جن ۾ 47 سالن جو حسين نصر به شامل آهي، جيڪو اسرائيلي جيلن ۾ 22 سال گذارڻ کان پوءِ آزاد ٿيو هو.رپورٽ موجب، حسين نصر کي 2023 ۾ اسرائيلي فوج گرفتار ڪيو هو. ان وقت سندس زال حاملہ هئي ۽ حسين نصر جي گرفتاري کان پوءِ، انهن کي ٻه ڌيئرون پيدا ٿيون، جيڪي هاڻي 21 ۽ 22 سالن جون آهن. پنهنجي پيءُ سان زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ملڻ کان اڳ ڳالهائيندي، 21 سالن جي راگٽ چيو، “مان پهريون ڀيرو کيس ڀاڪر پائيندس. مان انهن احساسن کي بيان نٿي ڪري سگهان. هڪ فلسطيني شهري جي ڌيءَ وڌيڪ چيو ته، “اسرائيلي فوج منهنجي پيءُ کي گرفتار ڪيو جڏهن منهنجي ماءُ حاملہ هئي. هي پهريون ڀيرو هوندو جڏهن اسان کي احساس ٿيندو ته پيءُ ٿيڻ ڇا آهي.”