وفاقي حڪومت جسٽس منصور جي فل ڪورٽ جوڙڻ جو آرڊر چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت بينچز مقرر ڪرڻ جي ڪيس ۾ جسٽس منصور علي شاهه سميت 2 رڪني بينچ طرفان فل ڪورٽ جوڙڻ جو آرڊر چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب وفاقي حڪومت جسٽس منصور شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل بينچ طرفان بينچز مقرر ڪرڻ جي ڪيس ۾ فل ڪورٽ جوڙڻ جي آرڊر کي چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

اٽارني جنرل آئيني بينچ کي وفاقي حڪومت جي فيصلي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن چيو آهي ته فيصلي ۾ جسٽس منصور علي شاهه پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار استعمال ڪيو جڏهن ته هو اهو اختيار استعمال نٿي ڪري سگهيو.

اٽارني جنرل منصور اعواڻ چيو ته غير آئيني فيصلو ٿيڻ سبب وفاقي حڪومت انهي فيصلي کي چيلينج ڪندي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ۽ ججز آئيني ڪميٽي جوڊيشل آرڊر کي نظر انداز ڪيو، چيف جسٽس پاڪستان  انهي معاملي تي فل ڪورٽ جوڙيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔