ممبئي : مشهور بالي ووڊ ڪاميڊين ۽ اداڪار راجپال ياديو جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب، راجپال ياديو کي گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ اي ميل ذريعي موتمڪار ڌمڪي ملي هئي ۽ پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته اها ڌمڪي ٻاهرين ملڪ مان ڏني وئي هئي،ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته راجپال ياديو جو پيءُ پنهنجي پٽ خلاف موت جي ڌمڪين کانپوءِ بيمار ٿي پيو ۽ نئين دهلي جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي اڄ هن جو انتقال ٿي ويو،رپورٽن موجب اداڪار پنهنجي پيءُ جي وفات وقت ٿائيلينڊ ۾ پنهنجي ايندڙ فلم جي شوٽنگ ڪري رهيو هو،ڌمڪيون ملڻ کان پوءِ راجپال ياديو پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ‘مون سائبر ڪرائم ڊپارٽمينٽ ۽ پوليس ٻنهي کي اطلاع ڏنو آهي ۽ ان کان پوءِ مون ڪنهن سان به نه ڳالهايو آهي، هن واقعي بابت ڳالهائڻ منهنجو ڪم ناهي.