خان مٿان اڊيالا جيل ۾ 21 مهينن دوران 55 ڪروڙ روپيه خرچ ڪيا ويا

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي اڊيالا جيل ۾ 21 مهينن جي قيد دوران 55 ڪروڙ روپيه خرچ ڪيا ويا آهن.حڪومتي ذريعن کان خبر پئي آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان لڳ ڀڳ 520 ڏينهن کان جيل ۾ آهي، انهي جي خلاف 188 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جن ۾ 4 انويسٽيگيشن ۽ انڪوائريون نيب ۾ آهن. عمران خان جي خلاف 12 انويسٽيگيشن، ايف آءِ اي ۾ آهن، جڏهن ته سڄي ملڪ جي 70 پوليس اسٽيشنن ۾ 172 ڪرمنل ڪيس داخل ٿيل آهي.سرڪاري اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته حڪومت جيل ۾ عمران خان تي 55 ڪروڙ روپيه خرچ ڪري ڇڏيا آهن. عمران خان جي قيد خاني جي چوڌاري 26 سيڪيورٽي گارڊز مقرر آهن، انهي کان علاوه 5 ايجنسي جا آپريٽر جيل جي ٻاهر مقرر آهن جيڪي سيڪيورٽي معاملا ڏسي رهيا آهن.سرڪاري اختيارين ٻڌايو آهي ته عمران خان جي سيڪيورٽي اهلڪارن کي پگهارن جي مد ۾ 5 ڪروڙ روپيه ادا ڪيا ويا آهن جڏهن ته عمران خان جي قيد خاني کي چوڌاري بهتر بنائڻ جي لاءِ 2 ڪروڙ روپين جو خرچ آيو. رپورٽ موجب عمران خان جي کاڌي پيتي تي 5 لک روپيه ماهوار جڏهن ته سيڪيورٽي تي 12 لک روپيه ماهوار خرچ ايندو آهي.عمران خان جي کائڻ پيئڻ جو روزاني جي بنياد تي خرچ 42 هزار روپين جو آهي جيڪو پاڪستان جي حڪومت کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي، عمران خان جي اڊيالا جيل ۾ قائم بينڪ ۾ به 2 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رقم موجود آهي جنهن مان هو جيترا به خرچ ڪرڻ چاهي ڪري سگهي ٿو.حڪومتي اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته عمران خان جي خلاف قومي احتساب بيورو(نيب) جي ٽيم ۽ پراسيڪيوٽر تي هينئر تائين 30 ڪروڙ روپيه خرچ ڪيا ويا آهن جيڪي هاءِ پروفائل ڪيس آهن.ايف آءِ اي جا 16 ايويسٽي گيٽرز انهن جي خلاف 12 ڪيس ڏسي رهيا آهن جن تي 5 ڪروڙ روپيه خرچ آيو آهي جڏهن ته سڄي ملڪ جي ٿاڻن ۾ 172 ڪيسز ۾ عمران خان جي سيڪيورٽي آفيشلز طرفان 10 ڪروڙ روپيه خرچ ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔