ممبئي : بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور ۽ اداڪار شاهد ڪپور جي تصوير هڪ ڀيرو ٻيهر وائرل ٿي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب ٻنهي اداڪارن وچ ۾ ماضي ۾ پيار جو رشتو هو پر بعد ۾ ٻنهي ڌار ٿي شادي ڪئي.ڀارتي ميڊيا موجب ڪرينا ڪپور ۽ شاهد ڪپور گذريل ڏينهن پنهنجي ٻارن جي اسڪول جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي ٻنهي اداڪارن کي هڪ تصوير ۾ هڪ ئي فاصلي تي ڏٺو ويو.ڪرينا ڪپور فنڪشن ۾ اڳئين قطار ۾ ويٺي هئي جڏهن ته شاهد ڪپور سندس پٺيان بيٺو هو. ڀارتي ميڊيا موجب ڪرينا ڪپور پنهنجي پٽ تيمور جي پرفارمنس تي ڏاڍي خوش نظر اچي رهي هئي، جنهن دوران هن پنهنجي موبائيل فون تي تاڙيون وڄايون ۽ وڊيو رڪارڊ ڪرايو.ان موقعي تي ڪرينا ڪپور جو مڙس سيف علي خان به ساڻس گڏ هو.ڀارتي ميڊيا موجب ڪرينا ڪپور ۽ شاهد ڪپور جي فلم ”جب وي ميٽ“ 2007ع ۾ رليز ٿي هئي ۽ ان ئي فلم جي شوٽنگ دوران ٻنهي جو رشتو ختم ٿي ويو هو، پر سندن آن اسڪرين جوڙي کي مداحن طرفان پسند ڪيو ويو هو