واشنگٽن : آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل جو چوڻ آهي ته ڊگھي فاصلي جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت کان انڪار هڪ ڊگهي عرصي واري پاليسي آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته آمريڪا عالمي عدم پکيڙ واري نظام کي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي.ويدانت پٽيل چيو ته پاڪستان آمريڪا جو اهم ساٿي آهي، پاڪستان جا بيلسٽڪ ميزائل پروگرام بابت تحفظات واضح آهن.